ريڙهي مياڻ

ريڙهي مياڻ

ريڙهي مياڻ 2

ريڙهي مياڻ (ڪتاب): هي ناول ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار منصور ٿلهي جو لکيل آهي. هي ڪتاب ريڙهي مياڻ جي مهاڻن جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، ڌنڌن، ٻيڙين ۽ مڇين وغيره تي لکيل آهي. ڪتاب جي ارپنا شيراگون گون کي ڪيل آهي، جنهن کي ليکڪ پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ ڪوٺيندو هو. ناول بابت ‘ٻه اکر’ پاڻ لکيا آهن. پبلشر نوٽ عبدالجليل آزاد کٽي ۽ مهاڳ ‘ملاح تنهنجي مڪڙي’ جي عنوان سان ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ لکيو آهي. هي ناول ستن بابن ۾ ورهايل آهي. ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل تي ليکڪ بابت عبداللطيف لغاريءَ جو انگريزيءَ ۾ تاثر ڏنل آهي.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو آڪٽوبر 2011ع ۾ ڇپيو. هن ناول جو هي ٻيو ڇاپو ڊيمي سائيز، ڪچي جلد سان 200 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو سنڌ ساحل کاروڇاڻ پبليڪيشن، اپريل 2015ع ۾ پارس پرنٽگ ايجنسي حيدرآباد مان ڇپايو. هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو